SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Think Tank

(click word to listen sound
  • 🔊
  • think
  • tæŋk
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Think Tank

ٿنڪ ٽئنڪ

ماهرن جو حلقو

1950ع جي ڏهاڪي کان بين الاقوامي تعلقات ۾ مروج اصطلاح ، جنهن مطابق مُختلف رياستن اندر بظاهر ڪنهن به قوت جي مُداخلت کان وانجهيل، آزاد اهڙي اداري يا فردن کي Think Tank چئجي ٿو، جنهن کي تحقيقي ڪم جاري رکڻ لاءِ بنا ڪنهن سياسي دٻاءُ جي فنڊن جي فراهمي ٿيندي هُجي. اهڙو ادارو پرڏيهي پاليسي، سماجي پاليسي، حڪمت عملي، معيشيت، واپار ٽيڪنالاجي ۽ عالمي لاڳاپن جي مُختلف رُخن ۾ تحقيق ڪندو رهي ٿو ۽ آخر رياست جي انهن شعبن جي نئين سرجوڙجڪ واري عمل تي اثر انداز ٿئي ٿو. ڪا به رياست سندس ”پرگهور“ لهندي، کيس ڪن دائرن تائين محدود رکي ٿي ۽ اداري جي ”تحقيق“ جون حدون متعين ڪري ٿي. سرد جنگ وارن ڏهاڙن ۾ انهن ادارن جي اهميت وسيع پئماني تي تسليم ڪئي ويئي. اهڙا ڪجهه ادارا خانگي شعبي ۾ به ڪم ڪن ٿا ۽ دُنيا ۾ لڳ ڀڳ 6 هزار اهڙا ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، جن مان هڪ اڀياس موجب آمريڪا ۾ هن مهل اهڙن ادارن جو تعداد 2 هزار آهي. اڄڪلهه جي حالتن مطابق ٿنڪ ٽئنڪ، هڪ اهڙو سرڪاري يا غيرسرڪاري تحقيقي ادارو سڏجي ٿو، جيڪو جمهوري معاشري ۾ پاليسي جوڙڻ، گهڻ رُخي سوچ ترتيب ڏيڻ، صاف شفاف تجربا ڪرڻ، صورتحال ڪٿڻ سميت فيصلا سازيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. اڄڪلهه ماحوليات، ڀونءِ واد (Globalization) ۽ سياسي معيشت جي حوالي سان انهن ادارن وڏي اهميت اختيار ڪري ورتي آهي


Remember Me Also:

آريٺ

ذ. [سن. آرَپُ آ + رَپَّ = مٽيءَ جو اُڀامڻ ڪلر جي اڇي مٽي] اُڀاميل ڪلر واري نرم زمين جنهن ۾ اُٺ يا گڏه ليٽهڙو ڪن. اُٺن جي وِهڻ يا ليٽڻ جو هنڌ. اُٺَ جي ليٽ، وِهِڪَ، جهوڪ ل.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal